عائشه صديقه رضي الله عنها

عائشه صديقه رضي الله عنها: مؤمنن جي ماءُ حضرت بي بي عائشه صديقه رضه حضرت صديق رضه'>ابوبڪر صديق رضه ابنِ ابو قحافه جي نياڻي ۽ حضور نبي ڪريم صه جن جي گهرواري هئي. بي بي سڳوري نبوت جي پنجين سال (هجرت کان نو سال اڳ 614ع تي) مڪي ۾ ڄائي. سندس والده جو نالو ام رومان رضه هو. والد سڳوري جي طرفان سندس نسبت جو سلسلو ستين پيڙهيءَ ۾ ۽ والده جي طرفان يارهين پيڙهي ۾ رسول صه جن سان وڃي ملي ٿو. پاڻ ڪريمن صه جن ان جي ڪنيت سندس ڀاڻيجي عبدالله ابن زبير رضه جي نالي سان ام عبدالله رکي، جنهن کي حضرت عائشه رضه پٽ ڪري نپايو هو. حضرت بي بي خديجه رضه جهڙي وفادار ۽ قابل گهر واريءَ جي رحلت کانپوءِ پاڻ ڪريم صه جن غمگين رهڻ لڳا ته اصحابن سڳورن کي به سندن باري ۾ فڪر ٿيو. تان جو حضرت عثمان بن مطعون رضه جي گهرواري خوله بنتِ ڪليم رضه پاڻ ڪريمن صه جن جي خدمت ۾ سوده بنت رمعه رضه، جيڪا ٻٽيهن سالن جي خاتون هئي ۽ حبشه جي مهاجرن ۾ شامل هئي ۽ سندس ور سڪران بن عمرو جو مڪي کان واپس ايندي انتقال ٿي چڪو هو ۽ عائشه بنت ابو بڪر صديق رضه جا نالا شاديءَ لاءِ پيش ڪيا. پاڻ ڪريمن صه جن انهيءَ صلاح تي متفق ٿيا. پاڻ ڪريمن صه جن سان حضرت عائشه رضه جو نڪاح نبوت جي ڏهين سال ٿيو. مهر جي رقم پنج سؤ درهم مقرر ٿي ۽ رخصتي هجرت کان ڪجهه مهينا پوءِ شوال سن 1 هجري/ اپريل 623ع تي مديني شريف ۾ نهايت سادگيءَ سان ٿي. ان وقت حضرت عائشه رضه جي عمر 8 سال هئي. (ڪن سيرت نگارن رخصتيءَ وقت سندس عمر 15 سالن جي لڳ ڀڳ لکي آهي.) رخصتيءَ کانپوءِ حضرت عائشه رضه مسجد نبويءَ جي چؤگرد ٺهيل حجرن مان هڪ حجري ۾ رهي. حضرت عائشه رضه پنهنجي پوري حياتي انهيءَ حجري ۾ گذاري. جيئن ته حضرت ابو بڪر صديق رضه جو گهراڻو سڀ کان پهرين اسلام جي نور سان منور ٿيو ۽ حضرت عائشه رضه هڪ مسلمان پيءُ ماءُ جي جهوليءَ ۾ اکيون کوليون ۽ پرورش پاتي، تنهنڪري هوءَ شروع کان ئي نهايت ذهين، عقلمند، ڏاهي، معاملن جي سمجهه ۽ پروڙ رکندڙ، ڊگهي نظر جي مالڪ ۽ ديني مسئلن جي سمجهه ۽ شعور ۽ احڪامن جي اجتهاد ۽ استنباط ۾ قابليت رکندي هئي، جنهن سبب پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جي محبوب ترين گهرواري ثابت ٿي. حديث شريف جي ڪتابن مان خبر پوي ٿي ته قرآن جي تفسير، حديث جي علم، فقه ۽ قياس، عقيدن، دين جي اسراري علم، اسلامي تاريخ، فتوى ۽ ارشاد ۽ خاص طور تي عورتن بابت ديني مسئلن تي جيتري قدر ڄاڻ حضرت عائشه رضه جي هئي، ان کان سواءِ ٿورن وڏن اصحابن جو حصو آهي. سن 5 هجري/ 627ع ۾ بنو مصلطق غزوي دوران حضرت عائشه رضه پاڻ سڳون صه جن سان سفر ۾ گڏ هيون. موٽ تي سفر دوران منافقن هٿ ٺوڪيو هڪ ڊرامو ٺاهي حضرت عائشه رضه تي بهتان کڙو ڪيو، جنهن تي پاڻ ڪريم صه ۽ سندن اصحابي سڳورن کي گهڻي ذهني تڪليف پهتي. ان تي قرآن ڪريم جي هڪ عظيم الشان سورت ‘نور’ نازل ٿي، جنهن ۾ حضرت عائشه رضه جي بي ڏوهه هجڻ جي شاهدي خود خدا تعالى ڏني ۽ بي بي سڳوري کي پاڪ صاف قرار ڏنو ۽ منافق ۽ اسلام جا دشمن گهڻا ئي ڦڪا ۽ ذليل خوار ٿيا. پاڻ ڪريم صه جن جي زندگي مبارڪ زهد، تقوى ۽ قناعت جو اعلى نمونو هئي. دنيا جي زيب، زينت ۽ شان شوڪت جو سندس گهر ۾ ڪو نالو نشان ئي نه هو. جيتوڻيڪ سندن پاڪ گهر واريون انهن مادي فائدن وٺڻ کان بي پرواهه هيون، تنهن هوندي به بشريت جي تقاضا مطابق ڪڏهن ڪڏهن انهن کي به خيال ٿيندو هو ته کين به آرام ۽ آسائش مان ڪو حصو ملڻ گهرجي. خاص طور تي ان وقت جڏهن فتحن جو دائرو وڌڻ سان مسلمانن ۾ خوشحالي جا نشان ظاهر ٿيا ته حضور پاڪ صه جي گهر وارين جي طرفان به پاڻ ڪريمن صه کان خرچ پکي جي اضافي جي گُهر ٿيڻ لڳي. انهيءَ گُهر ۾ حضرت عائشه رضه به ٻين گهروارين سان شامل هئي. جڏهن انهن جي گُهر زور ورتو ته پاڻ ڪريمن صه جن هڪ مهيني تائين گهر وارين کان پري اڪيلي رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪنهن به حجري ڏانهن وڃڻ کان پاسو ڪرڻ لڳا. هڪ مهيني گذارڻ کانپوءِ قرآن پاڪ جي آيت تخيسير نازل ٿي، جنهن ۾ پاڻ ڪريمن صه جي گهر وارين کي الله تعالى طرفان دنيا جي نعمتن ۽ آسائشن يا پاڻ ڪريمن صه جي رفاقت ۽ آخرت جي زندگي مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻ جو اختيار ڏنو ويو. پاڻ ڪريمن صه سڀ کان پهرين حضرت بي بي عائشه رضه کي قرآني آيت کان آگاهه ڪيو، جنهن الله تعالى جي انهيءَ حڪم کي ٻڌي چيو ته مان الله تعالى ۽ ان جي رسول صه کي اختيار ڪريان ٿي، ان کانپوءِ ٻين بيبين سڳورين به اهو ئي جواب ڏنو. پاڻ ڪريم صه جن وصال کان اڳ ۾ فقط تيرهن ڏينهن بيمار رهيا، جن مان آخري اٺ ڏينهن پاڻ ڪريم صه جن حضرت عائشه رضه جي حجري ۾ گذاريا ۽ ان دوران حضرت بي بي عائشه رضه پاڻ ڪريم صه جي تيمارداري ڪئي ۽ وصال به سندس حجري ۾ ٿيو ۽ پاڻ ڪريم صه کي دفنايو به حضرت عائشه رضه جي حجري ۾ ويو. پاڻ ڪريم صه جي وصال وقت بي بي عائشه رضه جي عمر 18 سال هئي ۽ کيس ڪو به اولاد نه هو. پاڻ ڪريمن صه جي وصال کانپوءِ حضرت عائشه رضه جو والد
حضرت صديق رضه'>ابوبڪر صديق رضه ٻه سال خليفو رهيو، ان کانپوءِ ڏهن سالن تائين حضرت عمر فاروق رضه جي خلافت هئي. ليڪن انهن ٻنهي خليفن جي زماني
۾ حضرت عائشه رضه ڪڏهن به سياسي معاملن ۾ دلچسپي نه ورتي. ليڪن حضرت عثمان رضه جي خلافت ڇهن سالن گذرڻ کانپوءِ اختلافن ڪر کنيو ته مسلمان حضرت بي بي عائشه رضه وٽ اچڻ لڳا. ان کانپوءِ حضرت عائشه رضه جنهن ريت احتياط سان سياسي معاملن ۾ عمل دخل شروع ڪيو، ان جو ذڪر اسلامي تاريخ ۾ پڻ ملي ٿو. حضرت عائشه رضه جي وفات 17 رمضان المبارڪ 58 هه/ 13 جولاءِ 678ع تي ٿي. سندس وصيت موجب مديني شريف جي جنة البقيع قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. پاڻ زهد ۽ تقوى جو بهترين نمونو هيون. سنجيدگي، سخاوت، قناعت، عبادت گذاري ۽ انساني همدردي جهڙيون ڪمال درجي جون اعلى وصفون منجهس موجود هيون. اصحابي سڳورن ۾ عمل ۽ فضيلت جي اعتبار کان منفرد مرتبي ۽ اعلى شخصيت جون مالڪ هيون. حضرت عائشه صديقه رضه کان ٻه هزار ٻه سؤ حديثون روايت ٿيل آهن، جن مان صرف 286 حديثون صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم وغيره ۾ آنديون ويون آهي. ان وٽ هڪ قرآن مجيد جو قلمي نسخو به موجود هو، جيڪو پاڻ پنهنجي غلام ابو يونس کان لکرايو هئائون. قرات جا ڪجهه طريقا به ان کان روايت ٿيل آهن. تابعين مان وڏن عالمن جي اڪثريت سندس شاگردن ۾ شامل آهي. شعر شاعريءَ سان به دلچسپي رکنديون هيون ۽ سندس فصاحت به مشهور هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو